وزيراعظم جي پوليو بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جي پوليو ٽيم بابت سيڪيورٽي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي پوليو جي روڪٿام بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پاڪستان پوليو جي روڪٿام پروگرام (پي اي آءِ) ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پيش آيل پوليو ٽيمن بابت ٽن سيڪيورٽي واقعن تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بنون، هنگو ۽ نصير آباد ۾ پيش آيل ڌار ڌار واقعن …

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي پوليو جي روڪٿام بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پاڪستان پوليو جي روڪٿام پروگرام (پي اي آءِ) ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پيش آيل پوليو ٽيمن بابت ٽن سيڪيورٽي واقعن تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بنون، هنگو ۽ نصير آباد ۾ پيش آيل ڌار ڌار واقعن ۾ پوليو ٽيمن ۽ ان سان مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن کي اڻجاتل هٿياربندن نشانو بڻايو. نصير آباد ۾ پوليو ويڪسينيشن ٽيم سان ڊيوٽي انجام ڏيندڙ پوليس اهلڪارن فرمان بشير بهراني شهادت ماڻي جڏهن ته هڪ ٻيو پوليس اهلڪار زخمي ٿيو. عائشه رضا فاروق انهن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اڄ جا اهي حملا قبولڻ جوڳا ناهن، اسان پوليس اهلڪار فرمان بشير بهراني جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا جنهن پنهنجن فرضن کي انجام ڏيندي اسان جي ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. اسان سندن وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ فرنٽ لائن پوليو ورڪرز سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي انهن خطرن باوجود پنهنجون خدمتون جاري رکندا پيا اچن. سندن جرائت اسان جي قومي جذبي جي بهترين عڪاسي آهي ۽ـ اسان اهڙن پرتشدد وقعن کي ان اهم مشن کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان جي ٽيمن جي حفاظت تي ڪو سمجهو نه ڪيو ويندو. پروگرام سمورن متاثر ٽيمن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. انهن چئلينجز باوجود پاڪستان جو پوليو جي خاتمي لاءِ عزم پُختو آهي. اهڙا واقعا اسان جي اجتماعي جدوجهد کي هرگز ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

مزید خبریں