اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ هي منصوبو علائقائي ترقي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن اهڙو اظهار انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ پاليسي ڊائلاگ ۽ رپورٽ لانچ جي تقريب کي مهمان طور خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ چين جي سفارتخاني جي …
سي پيڪ سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ هي منصوبو علائقائي ترقي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن اهڙو اظهار انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ پاليسي ڊائلاگ ۽ رپورٽ لانچ جي تقريب کي مهمان طور خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ چين جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن شي يوان چنگ پڻ شريڪ هو. ان موقعي تي سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ بهتري، اثرائتي پاليسي سازي ۽ رٿائن جي رفتار تيز ڪرڻ بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چين جي ترقيءَ مان سکي رهيو آهي، اتي تعليم سان فني مهارتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، چين ان حوالي سان مثالي منصوبا شروع ڪيا جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. قيصر احمد شيخ چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ اهي منصوبا علائقائي ترقيءَ لاءِ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته سي پيڪ نه صرف انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ جو منصوبو آهي پر هي هڪ جامع علائقائي ترقياتي قدم پڻ آهن جنهن ذريعي صنعتي، واپاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي ريه آهي. سندس چوڻ هو ته ان منصوبي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا دروازا کوليا ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سي پيڪ ذريعي نه صرف پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪندي پر خطي ۾ واپاري رابطن ۽ خوشحاليءَ کي پڻ هٿي وٺرائيندي.











