اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان لاءِ وڌيڪ 3 ارب ڊالرن جي اضافي ڊپازٽس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي ادائگي ايندڙ هفتي متوقع آهي، سعودي عرب جو موجوده 5 ارب ڊالرن جو ڊپازٽس هاڻ پهرين وانگر ساليانو رول اوور جو محتاج نه رهندو پر ان کي ڊگهي مُدي لاءِ واڌ ڏني ويندي. …
سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ وڌيڪ 3 ارب ڊالرز فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان لاءِ وڌيڪ 3 ارب ڊالرن جي اضافي ڊپازٽس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي ادائگي ايندڙ هفتي متوقع آهي، سعودي عرب جو موجوده 5 ارب ڊالرن جو ڊپازٽس هاڻ پهرين وانگر ساليانو رول اوور جو محتاج نه رهندو پر ان کي ڊگهي مُدي لاءِ واڌ ڏني ويندي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته سعودي عرب جي اها معاونت پاڪستان جي پرڏيهي مالي ضرورتن لاءِ هڪ نهايت اهم وقت تي فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ مضبوطي ايندي ۽ پرڏيهي کاتا مستحڪم ٿيندا. ناڻي واري وزير حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ذخيرن کي مارڪيٽ جي ذميدارين ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي پروگرام جي گهرجن موجب برقرار رکيو ويندو، جنهن مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين تقريبن 18 ارب ڊالرن جي ذخيرن کي حاصل ڪرڻ جو هدف شامل آهي جيڪو لڳ ڀڳ 3.3 مهينن جي آمدني واپار جي برابر هوندو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته گذريل هفتي 1.4 ارب ڊالر يورو بانڊ جي ادائگي ڪئي وئي آهي جنهن کي هن معمول جو واقعو قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت آئينده سمورن پرڏيهي ادائيگين ۽ قرضن کي وقت سر ادا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جو پرڏيهي مالي منصوبو واضح طور تي جڙيل آهي ۽ ان کي ذميدارين ۽ نظم و ضبط سان لاڳو ڪيو پيو وڃي. واشنگٽن ۾ پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب ٻُڌايو ته هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير سان گڏ سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدان سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير ياد ڏياريو ته گذريل جمعي تي اسلام آباد ۾ به ان جي سعودي وزير سان ملاقات ٿي هئي جڏهن ته حڪومت باضابطه رابطن کان اڳ ميڊيا ۾ آيل خبرن ۽ قياس آرائين تي عوامي طور تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو ڇاڪاڻ ته اهڙن معاملن کي گڏيل سوچيل سمجهيل ۽ وضاحت کان پوءِ ئي سامهون آڻڻ مناسب هوندو آهي. ناڻي واري وير سعودي قيادت خاص ڪري ولي عهد محمد بن سلمان، سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد بن عبدالله الجدان ۽ سعودي عرب جو ناڻي بابت نائب وزير جو پاڪستان سان مسلسل سهڪار ۽ حمايت تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ ان کي معاونتي پيڪيج کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي قيادت جي ڪردار کي پڻ تسليم ڪندي وزيرعظم، فيلڊ مارشل، نائب وزيراعظم، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ سندس ٽيمن جو سهڪار ۽ هم آهنگيءَ تي شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت اعتماد ۽ هاڪاري تاثر نهايت اهم آهن، پاڪستان کي هن وقت عالمي مالياتي ادارن، عالمي مالياتي فنڊ، عالمي بئنڪ، اداره جاتي سيڙپڪارن ۽ واشنگٽن ۾ ملاقات ڪندڙ ٻين ڀائيوارن طرفان غير معمولي موٽ ملي رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري خاص طور تي پاڪستان جي تازي سفارتي ڪردار کي ساراهي رهي آهي جنهن ذريعي اهڙين ڌُرين وچ ۾ ڳالهين جي راهه هموار ٿي جيڪي ڏهاڪن کان آمهون سامهون ڳالهيون نه ڪري رهيا هئا. عالمي سطح تي ملندڙ ان موٽ ۽ سعودي عرب جي وقت سر مالي معاونت سان پاڪستان کي معيشت ۽ پرڏيهي کاتن خاص ڪري ڪمرشل سرگرمين جي حوالي سان آئينده لاءِ اهم رفتار ۽ اعتماد حاصل هوندو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پاڪستان پنهنجي تمام وڏي پرڏيهي مالي حڪمت عمليءَ تي به اڳڀرائي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ويجهڙ ۾ ئي اعلان ڪيل گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام ۽ پهريون پانڊا بانڊ جي جاري ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي جڏهن ته مالي وسيلن جي ذريعن کي مختلف بڻايو پيو وڃي ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين رسائي مضبوط ٿئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، پرڏيهي ذميدارين کي وقت سر پورو ڪرڻ، سڌارن جي عمل کي تسلسل سان جاري رکڻ ۽ـ ٻه طرفي گهڻ رُخي ڀائيوارن سان ويجها رابطا برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي.











