اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سفارتڪاري هڪ واقعي بدران هڪ عمل هوندو آهي. وچ اوڀر جي امن ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪردار سهڻي نموني ادا ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف پروگرام جي بنيادي فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ پُرعزم آهيون، موجوده پرڏيهي جهٽڪن جي روشنيءَ ۾ هي پروگرام استحڪام ۽ مارڪيٽ جي اعتماد جو …
وچ اوڀر جي امن ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪردار سهڻي نموني ادا ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سفارتڪاري هڪ واقعي بدران هڪ عمل هوندو آهي. وچ اوڀر جي امن ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪردار سهڻي نموني ادا ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف پروگرام جي بنيادي فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ پُرعزم آهيون، موجوده پرڏيهي جهٽڪن جي روشنيءَ ۾ هي پروگرام استحڪام ۽ مارڪيٽ جي اعتماد جو هڪ معتبر ذريعو آهي. هن اها ڳالهه آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطح جي ملاقاتن ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي چئي. سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ جي فرسٽ ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪيٽز سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف طرفان ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت ٽين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت ٻئي جازي جي اثرائتي بندوبست تي شڪريو ادا ڪيو. هن آگاهه ڪيو ته اسٽاف ليول معاهدو ڪاميابيءَ سان طئي ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ جو انتظار آهي. ناڻي واري وزير جاري تڪرار جي پاڪستان جي معيشت تي فوري اثرن بابت فرسٽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي بريفنگ ڏني ۽ خاص ڪري توانائي جي خريداري ۽ لاجسٽڪس جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي روشني وڌي. هن حڪومت پاليسي ردِعمل جو پڻ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ طلب جي نظم و نسق جي قدمن ۽ مالياتي طور تي غير جانبدار هدفي سبسڊيز شامل آهن، ته جيئن معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور ترين طبقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن آءِ ايم ايف قيادت کي بحران جي ٻئي ۽ ٽين درجي جي اثرن جي جاري جائزي کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ مهانگائي، اقتصادي ترقي، روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي تي امڪاني اثر شامل آهن. ناڻي واري وزير ايندڙ مهيني بجيٽ بابت ڳالهين خاص ڪري ٽيڪس معاملن تي وشاورت لاءِ آءِ ايم ايف مشن جي متوقع دؤري جي آجيان ڪئي. هن پروگرام جي بنيادي فريم ورڪ سان پاڪستان جي اڻٽٽ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده پرڏيهي جهٽڪن جي روشنيءَ ۾ هي پروگرام استحڪام ۽ مارڪيٽ جي اعتماد جو هڪ معتبر ذريعو آهي. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي انتظام هيٺ جنگ دوران ”ميناپ معيشتون؛ جي جهٽڪن جو نظم و نسق ۽ مستقبل جي جوڙجڪ“ جي عنوان سان منعقد بحث ۾ شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار کي ويجهن تاريخن جو وڏو سپلاءِ شاڪس مان هڪ قرار ڏنو، جنهن جو پيمانو ڪووڊ – 19 دوران سامهون آيل ڊمانڊ شاڪ سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن چيو ته ان بحران توانائي جي تحفظ ۽ـ سپلاءِ چين جي مضبوطي بابت عالمي سطح تي هڪ وسيع ڳالهين کي جنم ڏنو آهي. بحران جي فوري اثرن تي روشني وجهندي ناڻي واري وزير ٻارڻ جي دستيابي ۽ قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جو ذڪر ڪيو، هن پاڪستان طرفان امڪاني ٻئي ۽ ٽئين درجي جي اثرن جي حوالي سان جاري منظرنامي کان به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ مهانگائي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي، روانگي واپار ۽ سرمائي جي وهڪري تي اثر شامل آهن. اُڀرندڙ هاڪاري رُخ جي نشاندهي ڪندي ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته گذريل 25 کان 30 ڏينهن دوران ڪراچي پورٽ تي ٽرانس شپمينٽ جو مقدار گذريل پوري سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو، جيڪو عالمي واپاري منظرنامي ۾ نئين اميدن جي عڪاسي ڪري ٿو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان بحران مان حاصل ٿيندڙ هڪ اهم سبق اسٽريٽجڪ ذخيرن جي تعمير آهي. هن وڌيڪ ٻن اهم نُڪتن تي روشني وڌي، جنهن ۾ هدفي فراهمي نظام ذريعي مالياتي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ جي اهميت ۽ اقتصادي مضبوطيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلابي ڪردار شامل آهي. ناڻي واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ رٿيل روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي روڊ شو پاڪستان ڊائسپورا ليڊرز ايوننگ کي خطاب به ڪيو. ان تقريب جو بندوبست اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ڪيو ويو. ناڻي واري وزير پاڪستاني ڊائسپورا طرفان ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ ۾ ادا ڪيل وڏن قدرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان جي پرڏيهي اقتصادي مضبوطيءَ جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو. هن روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم لاءِ حڪومت جي لڳاتار عزم کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ادائگين جي توازن جي سخت بحران دوران به جڏهن پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تاريخي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا هئا، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع رقم تي ڪا پابندي لاڳو نه ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اسڪيم ۾ متعارف ڪرايل نئين سهولتن ۽ بهتريءَ کي ساراهيندي چيو ته ان سان اڪائونٽ هولڊرز لاءِ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڀريو ته هو ان موقعي مان فائدو کڻندي روشن ڊجيتل اڪائونٽ پليٽ فارم ذريعي پاڪستان جي معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪن. تقريبن جي پڄاڻي سوالن ۽ جواب جي سيشن سان ٿي. ناڻي وري وزير آمريڪا جي واپار واري وزير هاورڊ لٽنگ سان ملاقات ڪئي. ڌُرين ٻه طرفي اقتصادي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاريءَ جي وهڪري ۾ واڌ ۽ نجي شعبي جي شموليت کي آسان بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين ۾ کاڻين، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت اهم شعبن ۾ سهڪار کي به بحث هيٺ آندو ويو، جڏهن ته گڏيل مفادن تي ٻَڌل اقتصادي سهڪار لاءِ نوان موقعا ڪتب آڻڻ تي به زور ڀريو ويو. ان کان علاوه اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ڳالهين تي ناڻي واري وزير چيو ته سفارتڪاري هڪ واقعي بدران هڪ عمل هوندو آهي، پاڪستان جي قيادت ان حوالي سان سنجيده ۽ پُرخلوص ڪوششون ڪري رهي آهي. گذريل ويڪ اينڊ تي پاڪستان ان حوالي سان ڪوششون ڪيون هيون، آمريڪا ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي قيادت پاڪستان جي انهن ڪوششن کي تسليم ڪيو آهي ۽ـ ان جي تائيد به ڪئي آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها اهي ته جنگ بندي برقرار رهي، موجوده وقت ۾ صرف اهو ٻُڌائي سگهان ٿو ته ڳالهين جو عمل جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايران ۽ آمريڪا 50 سالن کانپوءِ گڏ ويٺا آهن ۽ هو سمجهن ٿا ته اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي، ناڻي واري وزير چيو ته کيس اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، ڇاڪاڻ ته اڳتي وڌڻ جو رستو ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ آهي، هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته بحران حل ٿئي ڇاڪاڻ ته جنگ جي اثرن سان پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ به متاثر ٿي رهيا آهن.











