قومي پوليو جي روڪٿام واري مهم ٽئين ڏينهن به جاري، ڪروڙين ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي: اين اي او سي

اسلام آباد _ 15 اپريل (اي پي پي ) سال 2026ع جي ٻي قومي پوليو جي روڪ ٿام واري مهم ٽئين ڏينهن به سڄي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي ) مطابق مهم دوران چار لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهرگهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري رهيا آهن. مهم دوران ٻارن کي وٽامن اي جي اضافي خوراڪ …

اسلام آباد _ 15 اپريل (اي پي پي ) سال 2026ع جي ٻي قومي پوليو جي روڪ ٿام واري مهم ٽئين ڏينهن به سڄي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي ) مطابق مهم دوران چار لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهرگهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري رهيا آهن. مهم دوران ٻارن کي وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهن جي مجموعي صحت کي بهتر بڻائي سگهجي. اها مهم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ هڪ ئي وقت جاري آهي. اين اي او سي مطابق مهم جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ٻارن کي پوليو جي بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا آهن . اختيارين مطابق قومي پوليو جي روڪٿام واري مهم 19 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي . اين اي اوسي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پوليو ورڪرز لاءِ پنهنجا دروازا کولين ۽ پنهنجي ٻارن کي لازمي طورتي پوليو جا ڦڙا پيارين . پوليو لاعلاج بيماري آهي جيڪا ٻارن کي سڄي زندگي لاءِ معذور ڪري ڇڏي ٿي . وڌيڪ معلومات يا رهنمائي لاءِ شهري 1166 تي ڪال يا 03467776546 تي واٽس ايپ پيغام موڪلي سگهن ٿا.

مزید خبریں