ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي ڪالهه خيرپور جي علائقي ٽنڊومستي ۾ غيرت جي نالي تي هڪ عورت جي بي رحمي سان قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ان واقعي کي انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو قرار ڏنو آهي. صوبائي وزير شاهينه شير علي افسوسناڪ واقعي دوران علائقي واسين جي خاموش تماشائي واري ڪردار تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير، …
عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير ٽنڊومستي ۾ غيرت جي نالي تي عورت جي بي رحمي سان قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي سکر کان تفصيلي رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي ڪالهه خيرپور جي علائقي ٽنڊومستي ۾ غيرت جي نالي تي هڪ عورت جي بي رحمي سان قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ان واقعي کي انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو قرار ڏنو آهي. صوبائي وزير شاهينه شير علي افسوسناڪ واقعي دوران علائقي واسين جي خاموش تماشائي واري ڪردار تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير، ڊي آءِ جي سکر کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهاري ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي فوري تحفظ لاءِ سيف هائوسز ۽ دارالامان قائم ڪيا آهن، تنهنڪري گهريلو ۽ صنفي تشدد جو شڪار عورتون پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن. صوبائي وزير عورتن تي زور ڀريو ته هو ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال جي صورت ۾ عورتن جي ترقي واري کاتي جي هيلپ لائن نمبر 1094 يا آفيس سان فوري رابطو ڪري سگهن ٿيون، جتي کين هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي.











