وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو

اسلام آباد - 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل 2026ع تائين سعودي عرب، قطر ۽ …

اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل 2026ع تائين سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو. سعودي عرب ۽ قطر جي دوري ۾ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ جاري ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي امن ۽ سلامتي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جو دورو پڻ ڪندو. فورم دوران وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن سان فورم ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ “ليڊرز پينل” ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جُون صدر رجب طيب اردوان ۽ ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن.

مزید خبریں