وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل تائين سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد- 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل تائين سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ٻطرفي تناظر ۾ هوندا جتي وزيراعظم سعودي عرب ۽ قطر جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ جاري ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي …

اسلام آباد- 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل تائين سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ٻطرفي تناظر ۾ هوندا جتي وزيراعظم سعودي عرب ۽ قطر جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ جاري ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم ترڪيه جو به دورو ڪندو جتي هو پنجين انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم دوران وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏ ليڊرز پينل ۾ شرڪت ڪندو ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. فورم جي موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترين ئي ٻطرفين ملاقاتن جو به امڪان آهي، جنهن ۾ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات به شامل آهي، جڏهن ته ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون. ان فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت لاڀائتي سفارتڪاري، گهڻ طرفي تعاون ۽ عالمي برادري سان اهم عالمي معاملن تي بامعنيٰ رابطن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به گڏ هوندا.

مزید خبریں