وچ اوڀر جي جنگ عالمي معيشت لاءِ نئون خطرو آهي، اؤسر شرح متاثر ٿي سگهي ٿي، جاري سال لاءِ اؤسر جي شرح 3.1 سيڪڙو ۽ آئينده سال 3.2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ جنگ سبب عالمي معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر عدم استحڪام جي خطري جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن سان ترقي ۽ اؤسر جي رفتار گهٽ ۽ مهانگائيءَ ۾ واڌ متوقع آهي، آءِ ايم ايف جاري سال لاءِ اؤسر جي شرح 3.1 سيڪڙو ۽ آئينده سال 3.2 سيڪڙو تائين رهڻ …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ جنگ سبب عالمي معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر عدم استحڪام جي خطري جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن سان ترقي ۽ اؤسر جي رفتار گهٽ ۽ مهانگائيءَ ۾ واڌ متوقع آهي، آءِ ايم ايف جاري سال لاءِ اؤسر جي شرح 3.1 سيڪڙو ۽ آئينده سال 3.2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي آءِ ايم ايف طرفان ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب گذريل سال عالمي معيشت کي ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ۽ نسبتن نرم مالياتي حالتن ۽ حڪومتي پاليسي جهڙن عملن سان سهارو مليو پر وچ اوڀر جو تڪرار هاڻي ان هاڪاري اثرن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. ان جنگ خاص طور تي توانائي ۽ ٻين شيون جي قيمتن، مهانگائي جي اميدن ۽ مالياتي حالتن تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف موجب 2026ع ۾ عالمي معاشي ترقي 3.1 ۽ 3.2 سيڪڙو، 2027ع تائين رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب جيڪڏهن وچ اوڀر جي جنگ نه ٿئي ها ته 2026ع جي ترقيءَ جي شرح اٽڪل 3.4 سيڪڙو وڌي سگهي ٿي، اؤسر جي شرح ۾ موجوده گهٽتائي جو وڏو سبب اهو ئي تڪرار آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته 2026ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح 4.4 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 3.7 سيڪڙو تايئن رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جيڪڏهن توانائي جون قيمتون وڌيڪ عرصو بلند رهيون يا توانائي جي انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي يا شدت اختيار ڪئي ته عالمي ترقي 2.5 سيڪڙو تائين ڪِرڻ، جڏهن ته مهانگائي 5.4 سيڪڙو تائين رهڻ جا امڪان آهن، جيڪڏهن توانائي جي ڍانچي کي سخت نقصان ٿيو ته عالمي ترقي صرف 2 سيڪڙو رهجي ويندي، جڏهن ته ان صورت ۾ مهانگائي 6 سيڪڙو کان به مٿي ٿي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف مطابق اُسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ان صورتحال جو اثر اُسريل خاص طور تي توانائي آمدني واپار ڪندڙ ملڪن تي اٽڪل ٻيڻو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌندڙ جاگرافيائي تڪرار، واپاري تڪرار ۽ حڪومتي قرضن ۾ واڌ عالمي مالياتي نظام لاءِ وڏا خطرا بڻجي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ حڪومتن ۽ مرڪزي بئنڪن کي قيمتن ۽ مالياتي استحڪام کي برقرار رکڻ، سرڪاري قرض ۽ بجيٽ خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ، ضرورت پوڻ تي پرڏيهي ناڻي جي مارڪيٽ ۾ عارضي مداخلت، معاشي طور تي ڪمزور طبقن لاءِ هدفي ۽ مالي امداد جي فراهمي، معيشت ۾ ڍانچه جاتي سڌارن ۽ عالمي واپار ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدمن جي سفارش ڪئي وئي آهي. آءِ ايم ايف موجب عالمي معيشت هن وقت جنگ، مهانگائي ۽ توانائيءَ جي بحران جي پاڇي هيٺان آهي. جيڪڏهن تڪرار جلد ختم ٿي ويا ته اثر محدود رهندا پر جيڪڏهن اهي ڊگها ٿيا ته دنيا خاص طور تي اُسرندڙ ملڪن کي هڪ وڏي معاشي بحران کي مُنهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

مزید خبریں