وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله سان واپڊا چيئرمين جي ملاقات

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناالله سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد، بين الصوبائي رابطي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ آبي وسيلن جي بهتر انتظام، واپڊا جي جاري ترقياتي منصوبن ۽ بين الصوبائي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناالله سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد، بين الصوبائي رابطي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ آبي وسيلن جي بهتر انتظام، واپڊا جي جاري ترقياتي منصوبن ۽ بين الصوبائي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته توانائي ۽ آبي وسيلن سان لاڳاپيل منصوبن جي وقت سر ۽ شفاف تڪميل قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. راڻا ثناالله، ان موقعي تي چيو ته قومي مفاد جي ترقياتي منصوبن لاءِ سمورن صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن، لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته منصوبن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جئين عوام کي جلد کان جلد ان جا ثمر فراهم ڪري سگهجن. ملاقات جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اثرائتن رابطا ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جئين قومي ترقي جا هدف کي وقت سر ۽ اثرائتي انداز ۾ حاصل ڪري سگهجن. 

مزید خبریں