اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي مشاورتي اجلاس جي تسلسل ۾ لاڳاپيل ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن جو اجلاس ٿيو. سينيئر عملدارن جي اجلاس (SOM) ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري/ ترجمان سفير طاهر اندرابي ڪئي، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي وفدن جي قيادت ترتيبوار نائب پرڏيهي وزير سفير موسى ڪولاڪلي ڪايا، …
پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي مشاورتي اجلاس جي تسلسل ۾ لاڳاپيل ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي مشاورتي اجلاس جي تسلسل ۾ لاڳاپيل ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن جو اجلاس ٿيو. سينيئر عملدارن جي اجلاس (SOM) ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري/ ترجمان سفير طاهر اندرابي ڪئي، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي وفدن جي قيادت ترتيبوار نائب پرڏيهي وزير سفير موسى ڪولاڪلي ڪايا، پرڏيهي وزير جي معاون سفير ناظح اگنگاري ۽ پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل شهزاده ڊاڪٽر عبدالله بن خالد بن سعود الڪبير السعود ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٿيندڙ مشاورت کي چئني ڀائر ملڪن جي ايندڙ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جيڪو 17 اپريل 2026ع تي ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ ٿيندو. اهو اجلاس انطاليه ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي ٿيندو. سينيئر عملدارن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي.











