وزيراعظم پاران عوامي خدمت جي ايجنڊا کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي خدمت جي ايجنڊا کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي خدمت جي ايجنڊا کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام سان ڳالهائي رهيو هو جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، حڪومتي معاملن ۽ سياسي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي معآشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته عوامي خدمت جي ايجنڊا کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح ڏني وڃي. ٻنهي اڳواڻن نار جي بحران جي حل لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں