اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گورنر کي 13 مارچ 2026ع تي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گورننس، اقتصادي ترقي ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گورنر کي 13 مارچ 2026ع تي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گورننس، اقتصادي ترقي ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صوبن ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مسلسل تعاون ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











