ناڻي واري وزير جي آمريڪا جي ناڻي ۽ واپار واري کاتي سميت عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪمپنين سان ملاقاتون، گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي آمريڪا جي ناڻي ۽ واپار واري کاتي، ترقي ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪمپنين بابت سعودي فنڊ جي عهديدارن اسان اهم ملاقاتون ڪيون. سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير، سعودي فنڊ طرفان …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي آمريڪا جي ناڻي ۽ واپار واري کاتي، ترقي ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪمپنين بابت سعودي فنڊ جي عهديدارن اسان اهم ملاقاتون ڪيون. سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير، سعودي فنڊ طرفان پاڪستان لاءِ جاري سهڪار ۽ آئينده ترقياتي ڀائيواريءَ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن روانو ٿيڻ کان اڳ سعودي عرب جي ناڻي واري وزير سان پنهنجي تازي ملاقات جو پڻ ذڪر ڪندي چيو ته اها ملاقات نهايت فائديمند رهي ۽ ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي عالمي توانائي ۽ سلامتيءَ تي اثرن ۽ ان جي امڪاني معاشي نتيجن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ان تڪرار جي جلد حل جي اميد ظاهر ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ جٽادار ڀائيواريءَ جي عزم جو ورجاءُ ۽ اقتصادي ۽ ترقياتي سهڪار وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آمريڪا جي واپاري نمائندي سفير جيميسن گريئر سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو، خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ کي اهم قرار ڏنو. هن سازگار ڪاروباري ماحول جي فراهمي ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ بهتريءَ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن پائيدار اقتصادي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڌُرين ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ تي تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ روانگي واپار لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ وسعت، سيڙپڪاريءَ جي وهڪري کي آسان بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي طرفان جاري واپاري ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ۽ ٻه طرفي اقتصادي سهڪار ۾ هاڪاري اڳڀرائيءَ کي ساراهيو ويو. ڌُرين گڏيل مفاد تي ٻَڌل نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي واري اقتصادي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي ايم ڊي تسوتو موياماموتو سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ايجنسيءَ طرفان گهٽ مُدي واري واپاري مالياتي سهولت جنهن جو ڳاڻيٽو 500 ملين آمريڪي ڊالرن تائين آهي جي آجيان ڪئي ۽ ان کي خوراڪ، ڀاڻ، توانائي ۽ ضروري مشينريءَ سميت اهم آمدني واپار جي مالي مدد لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو. هن ان سهولت تي اڳڀرائيءَ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان جي پرڏيهي مالياتي ضرورتن کي وقت سر پورو ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير جاري ٽياڪڙي جي ڪيسن ۽ ان سان واڳيل مالياتي اثرن جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جو غير جانبدار سهولتڪار خوشگوار حل کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ قومي مفادن جي تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهبو. حڪومت جي پائيدار سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائن ۽ اقتصادي استحڪام برقرار رکڻ جي عزم کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير ايجنسي سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ ۽ سازگار سيڙپڪاري ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جهاد اظهور ۽ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف مشن ٽيم سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ جلد ان جي منظوري ڏيندو ته جيئن پاڪستان جي سڌارن وارري پروگرام جي رفتار برقرار رهي. ملاقات دوران وفاقي وزير وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي پاڪستان جي معيشت تي اثرن کان آگاهه ڪيو ۽ ان کي موجوده دؤر جي وڏن سپلاءِ شاڪس مان هڪ قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت ان بحران جي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي اثرن خاص ڪري معاشي اؤسر ۽ مهانگائي جي حوالي سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏئي رهي آهي. ناڻي واري وزير يورو بانڊ جي ڪامياب ادائگيءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت سمورن ايندڙ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي مالي ذميدارين کي وقت سر پورو ڪندي. ڌُرين مالياتي ۽ ڍانچي جاتي سڌارن ۾ اڳڀرائي ۽ محصول وڌائڻ جي ڪوششن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پائيدار ۽ جامع معاشي ترقيءَ لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي. گوگل جي نائب صدر ۽ گلوبل هيڊ آف گورنمينٽ افيئرز اينڊ پبلڪ پاليسي ڪرن ڀاٽيا سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ گوگل جي جاري قدمن کي ساراهيو، خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ تربيت ۽ سگهه وڌائڻ جي پروگرامن کي اهم قرار ڏنو. هن پاڪستان ۾ گوگل ڪروم باڪس جي مقامي تياريءَ جي شروعات ۽ جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي فيصلي کي به سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ڌُرين پاڪستان حڪومت ۽ گوگل وچ ۾ جاري ۽ ڄاڻايل منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن جو مقصد مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي معيشت جي اهم شعبن خاص ڪري زراعت ۽ صنعت ۾ استعمال ۾ آڻڻ آهي. ٻنهي طرفان پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ جي وڏن ايجنڊائن تحت گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ماسٽر ڪارڊ جي چيف گلوبل افيئرز اينڊ پاليسي ٽڪرفوٽ سان ملاقات ۾ ڌُرين پاڪستان ۾ ڊجيٽل ادائگين کي هٿي وٺرائڻ، مالي شموليت وڌائڻ ۽ فِن ٽيڪ شعبي ۾ جدت کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان پاڪستان ۾ محفوظ، جامع ۽ جديد ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ سائبر سيڪيورٽري، سرحد پار مالي ڏي وٺ ۽ ناڻي واڌ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. آمريڪي ناڻي کاتي جي ڊپٽي انڊر سيڪريٽري جوناٿن گرينسٽين سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف سان ٿيل اسٽاف ليول معاهدي تي روشني وڌي ۽ سڌارن جي پروگرام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 1.3 ارب ڊالرن جي يورو بانڊ جي ادائگي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي آهي ۽ حڪومت ايندڙ سمورن پرڏيهي مالي ذميوارين کي وقت سر ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير آمريڪي عملدارن کي ان صورتحال جي سڌيءَ ريت اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط بنائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هڪ مضبوط ۽ مختلف اقتصادي ڀائيواريءَ جي قيام تي اتفاق ڪيو، جيڪا علائقائي استحڪام ۽ جٽادار ترقيءَ جي گڏيل هدفن تي ٻَڌل هجي.

مزید خبریں