اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آئيسڪو جي 25 سيڪڙو صارفين وٽ اي ايم آءِ ميٽرز لڳي چڪا آهن، جيڪي اٽڪل 11 کان 12 لک ميٽرز بڻجن ٿا، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اي ايم آءِ ميٽرز لڳائڻ جو پروگرام جلد شروع ڪيو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن آئيسڪو اي ايم آءِ ڪنٽرول سينٽر جي دؤري جي موقعي تي …
آئيسڪو جي 25 سيڪڙو صارفين وٽ اي ايم آءِ ميٽرز لڳي چڪا آهن: اويس لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آئيسڪو جي 25 سيڪڙو صارفين وٽ اي ايم آءِ ميٽرز لڳي چڪا آهن، جيڪي اٽڪل 11 کان 12 لک ميٽرز بڻجن ٿا، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اي ايم آءِ ميٽرز لڳائڻ جو پروگرام جلد شروع ڪيو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن آئيسڪو اي ايم آءِ ڪنٽرول سينٽر جي دؤري جي موقعي تي وفاقي وزير چيو ته اي ايم آءِ ميٽرز ذريعي اوور بلنگ جي مسئلي تي ضابطو آندو پيو وڃي، جڏهن ته انساني مداخلت جي خاتمي سان نظام جي شفافيت ۾ واڌ ٿيندي. ان کان علاوه ميٽرز ۾ نيٽ ميٽرنگ جي سهولت پهريان کان ئي موجود آهي، جنهن لاءِ ميٽر جي تبديلي ضروري ناهي جڏهن ته صارفين موبائل ايپ ذريعي پنهنجي بجلي جي کپت تائين فوري پهچ حاصل ڪري سگهندا ۽ ون لنڪ ذريعي بلن جي ادائگي پڻ آسان ٿيندي. هن چيو ته آئيسڪو ۾ لڳل اٽڪل 11 کان 12 لک ميٽرن جي اي ايم آءِ ڪنٽرول سينٽر تي اثرائتي مانيٽرنگ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل ۽ مڪمل شفافيت رکندڙ نظام ذريعي صارفين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. اويس لغاري چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ خاص ڪري جون کانپوءِ صارفين آسانيءَ سان اهو ڄاڻي وٺندا ته سندن بجليءَ جو بل ڪيترو آهي، سسٽم آن يا آف ڇو آهي، اوور بلنگ بابت مسئلا ان ڪسٽمر بيس اندر اثرائتي انداز ۾ حل ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ان جديد نظام کي مرحليوار سڄي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اٽڪل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اي ايم آءِ ميٽرز لڳائڻ جو پروگرام جلد شروع ڪيو پيو وڃي. هن خاص طور تي سنگل فيز ميٽرز جي تيز رفتار ڊجيٽلائزيشن تي زور ڀريندي چيو ته انهن قدمن سان بجلي صارفين کي نمايان سهولت ملندي. دؤري جي شروعات تي آئيسڪو جي چيئرمين ڊاڪٽر طاهر مسعود، سي اي او چوڌري خالد محمود، چيف انجنيئر ڪامران آفتاب ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اي ايم آءِ محسن رضا گيلاني وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. بعد ۾ کيس اي ايم آءِ منصوبي تحت ميٽرز لڳائڻ ۽ ان جي طريقيڪار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته ان جديد نظام ذريعي بجلي چوريءَ جي اثرائتي روڪٿام لاءِ الارمز ۽ ايونٽس جي سهولت دستياب آهي، جڏهن ته ڪنيڪشن ڪٽڻ ۽ بحاليءَ جي لاڳت ۾ 100 سيڪڙو گهٽتائي ممڪن آهي. ان کان علاوه سسٽم مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا جي بنياد تي بهتر فيصلا سازي کي هٿي ملندي ۽ مجموعي طور تي شفافيت ۾ واڌ ٿيندي. بعد ۾ وفاقي وزير کي اي ايم آءِ ڪنٽرول سينٽر جو دؤرو ڪرايو ويو جتي کيس ڏيکاريو ويو ته ڪهڙيءَ طرح ان مرڪز مان ميٽرز جي ڊيٽا، وولٽيج ۽ ڪرنٽ جي استعمال سميت ٻي اهم معلومات ريئل ٽائم ۾ مانيٽر ڪئي پئي وڃي. کيس ٻُڌايو ويو ته ان نظام ذريعي ڪنهن به خرابي يا مسئلي جي فوري نشاندهي ڪري وقت سر ۽ اثرائتو حل ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان صارفين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي.











