سينيٽ چيئرمين پاران ويساکي جي خوشين ڀرئي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادريءَ کي واڌايون

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ويساکي جي خوشين ڀرئي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک برادريءَ کي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ويساکي خوشي، اميد ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي جيڪا اسان کي گڏيل احترام، رواداري ۽ هم آهنگيءَ جو درس …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ويساکي جي خوشين ڀرئي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک برادريءَ کي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ويساکي خوشي، اميد ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي جيڪا اسان کي گڏيل احترام، رواداري ۽ هم آهنگيءَ جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ مذهبن وارو معاشرو آهي جتي مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقيلتن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن ڀلائيءَ لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئي آهي، جنهن تحت عبادتگاهن جي تحفظ، مذهبي آزاديءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقليتن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ رياستي ادارا ان عزم تي ڪاربند آهن ته اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابريءَ جا حق فراهم ڪيا وڃن. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائي ويندي ۽ سمورن شهرين وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻايو ويندو. سينيٽ چيئرمين دُعا ڪئي ته ويساکي جون اهي خوشيون ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجن ۽ سمورن اقليتن لاءِ خوشين ۽ اطمينان جو سبب بڻجن.

مزید خبریں