قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ويساکي جي ڏڻ تي سک برادريءَ کي واڌايون

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ويساکي جي ڏڻ تي سک برادريءَ کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ کي هٿي وٺرائڻ جو پيغام ڏئي ٿو. هن ڏڻ جي موقعي تي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ويساکي موسم بهار جي اچڻ جي علامت آهي ۽ صدين کان خوشيون ۽ محبتن ورهائڻ جو ڏڻ …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ويساکي جي ڏڻ تي سک برادريءَ کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ کي هٿي وٺرائڻ جو پيغام ڏئي ٿو. هن ڏڻ جي موقعي تي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ويساکي موسم بهار جي اچڻ جي علامت آهي ۽ صدين کان خوشيون ۽ محبتن ورهائڻ جو ڏڻ آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ عوام مختلف عقيدن ۽ ثقافتن تي ٻَڌل هڪ خوبصورت گلدستي جيان آهن. پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادريءَ جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جو آئين سڄي ملڪ ۾ رهندڙ سمورن مذهبن کي مڃڻ وارن کي پنهنجي مذهبي رسمون آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق ڏئي ٿو. الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته هي ڏڻ سمورن مذهبن کي مڃڻ وارن لاءِ خوشيون، امن ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجي.

مزید خبریں