اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته فنڊز جي شفاف ۽ اثرائتي استعمال سان نه صرف هاڪاري تبديلي ممڪن آهي پر ويڪسين بابت ناڪاري رجحانن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو. هن ويڪسين بابت آگاهي مهم تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان جي حقيقي اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو. …
فنڊز جي شفاف ۽ اثرائتي استعمال سان ويڪسين بابت ناڪاري رجحانن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته فنڊز جي شفاف ۽ اثرائتي استعمال سان نه صرف هاڪاري تبديلي ممڪن آهي پر ويڪسين بابت ناڪاري رجحانن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو. هن ويڪسين بابت آگاهي مهم تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان جي حقيقي اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته آگاهي مهم جو بنيادي مقصد ويڪسين کان انڪار ڪندڙن جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عوام جي ذهنن مان ناڪاري پروپيگنڊا جو خاتمو ڪرڻ آهي، جڏهن ته وڏن فنڊز جي استعمال باوجود گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته فنڊز جو اثرائتو ۽ صحيح استعمال رياست ۽ صحت وزارت جي ذميداري آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اجلاس به منعقد ٿي چڪا آهن. صحت واري وزير واضح ڪيو ته صحت جي شعبي جو اصل هدف ماڻهن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ صحت واري وزارت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ويڪسين بابت عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ شفافت، احتساب ۽ نتيجن تي ٻَڌل قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ صحت وارو وفاقي سيڪريٽري، ڊي جي هيلٿ ۽ ڊي جي ايف ڊي آءِ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.











