ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان رستا کوليندو: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان رستا کوليندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل چوٿين ”لائينز جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلديات واري وزير سيد …

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان رستا کوليندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل چوٿين ”لائينز جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلديات واري وزير سيد ناصر شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهر جي تعمير ۽ ترقي عوامي ادارن ۾ ڊسيپلين ۽ ضابطن جي واپسيءَ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سرڪاري ادارن ۾ خاص ماڻهن جي ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پبلڪ سيڪٽرن ۽ صنعتي ادارن ۾ پڻ عورتن کي برابر جا حق ڏيڻ تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ نه صرف سرڪاري ادارن ۾ پر وڏي انگ ۾ پبلڪ سيڪٽرن جا به اسٽالز موجود آهن، جن جي مدد سان ڪافي هنرمند ڪارڊ هولڊرز کي روزگار جي حوالي سان فائدا حاصل ٿيا آهن، جڏهن ته اميد آهي ته هن ڀيري به عورتن لاءِ بهتر روزگار جا نوان ۽ باوقار موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته عوام کي روزگار جي فراهمي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ويزن ۽ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سيد ناصر حسين شاهه روزگار جي فراهمي جي حوالي سان سوشل ويلفيئر کاتي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي بلديات واري وزير سان گڏ ڪمشنر ڪراچي پڻ موجود هو، جتي هن مختلف اسٽالن جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر مهيش ڪمار، چيئرمين هائر ايجوڪيشن ڪميشن پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ۽ ٻيا معزز پڻ ساڻس گڏ هئا.