سنڌ جي گهرو وزير وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ۾ ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير وزير ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو آھي ته سيڪيورٽي جي فراهمي ڪنهن جي خواهش يا سفارش تي نه پر رڳو ٿريٽ اسيسمينٽ جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي، هن پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ غير مجاز ۽ غير ضروري سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي، جڏهن ته واڌو پوليس گاڏيون ۽ نفري به فوري طور اصل ڊيوٽين تي …

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير وزير ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو آھي ته سيڪيورٽي جي فراهمي ڪنهن جي خواهش يا سفارش تي نه پر رڳو ٿريٽ اسيسمينٽ جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي، هن پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ غير مجاز ۽ غير ضروري سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي، جڏهن ته واڌو پوليس گاڏيون ۽ نفري به فوري طور اصل ڊيوٽين تي مقرر ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هن صوبي ۾ مجموعي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته غير ضروري سيڪيورٽي پروٽوڪول جي خاتمي ۽ واڌو نفري جي واپسي بابت جامع رپورٽ تيار ڪري پيش ڪئي وڃي ته جيئن موجود وسيلن کي عوامي تحفظ ۽ امن امان جي اثرائتي قيام لاءِ استعمال ڪري سگهجي. اجلاس ۾ موجوده سيڪيورٽي ماحول، حساس تنصيبن، وي آءِ پيز، سرڪاري عهديدارن، عالم سڳورن ۽ ٻين ماڻهن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي مختلف سرڪاري ۽ حساس ادارن جي سيڪيورٽي جو نئين سر آڊٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ موصول ٿيندڙ نئين درخواستن تي ميرٽ، خطرن ۽ موجود وسيلن کي سامهون رکي فيصلو ڪيو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير، سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جا مڪمل تفصيل، مقرريون ۽ ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. اجلاس دوران ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊويزن مقصود ميمڻ صوبي ۾ لاڳو سيڪيورٽي حڪمت عملي، انتظامن ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ڊي آءِ جي ايس اينڊ اي ايس ڊي اجلاس جي ايجنڊا بابت تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جيز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، سيڪيورٽي ادارن ۽ انٽيليجنس بيورو سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. سنڌ جي گهرو وزير ان موقعي تي چيو ته صوبي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ سيڪيورٽي وسيلن کي شفاف، اثرائتي ۽ پيشي ورانه نموني ڪتب آندو ويندو ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائي سگهجي.