ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر ۽ ٻين طرفان کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو. ميڊيا سان غير رسمي ڳالھه ٻولھه ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي شهر لاءِ نيون اسڪيمون جاري ڪيون ويون …

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر ۽ ٻين طرفان کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو. ميڊيا سان غير رسمي ڳالھه ٻولھه ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي شهر لاءِ نيون اسڪيمون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن تحت تمام جلد سڄي شهر کي خوبصورت بڻايو ويندو، جڏهن ته ڊرينيج سسٽم شهر جو تمام وڏو مسئلو آهي، جنهن لاءِ حڪومت ٻن ارب روپين جي بجيٽ جاري ڪئي آهي، جنهن تي پڻ جلد ڪم شروع ڪري ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي شهر اندر ٽرئفڪ جي حوالي سان نون روڊن رستن جي ضروت آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي لکت ۾ درخواست ڏينداسين ته جيئن ان مسئلي کي پڻ حل ڪري سگهجي، جڏهن ته منهنجي اها به خواهش آهي ته شهر اندر شهرين جي سهولت لاءِ ننڍي ٽراسپورٽ جو به انتظام ڪيو وڃي ته جيئن شهري ان مان به فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي بهتري ۽ خوبصورتي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت جي تعاون سان شهرين کي سهولتون مهيا ڪيو وينديون ۽ هن شهر کي هڪ مثالي شهر بڻايو ويندو.