نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعلى نمائنده ۽ نائب صدر ڪاجا ڪالس ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعلى نمائنده ۽ نائب صدر ڪاجا ڪالس جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم موجوده علائقائي صورتحال دوران پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ باقاعده ۽ ويجهي رابطن …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي اعلى نمائنده ۽ نائب صدر ڪاجا ڪالس جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم موجوده علائقائي صورتحال دوران پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ باقاعده ۽ ويجهي رابطن کي ساراهيو. هن تازو ئي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ اسلام آباد ڳالهه ٻولهه بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪاجا ڪالس پاڪستان ۾ آمريڪا ايران سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ڌرين تڪرار جي حل لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون جو مثبت انداز ۾ جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں