لاڙڪاڻو/جيڪب آباد- 14 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جيڪب آباد جي جکراڻي هائوس پهچي اڳوڻي ايم اين اي مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پ پ پ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي، خالد خان جکراڻي، شفقت خان جکراڻي، مير رافع حسين جکراڻي پڻ موجود هئا. اسپيڪر سردار اياز صادق …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران جيڪب آباد پهچي مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ۽ گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/جيڪب آباد- 14 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جيڪب آباد جي جکراڻي هائوس پهچي اڳوڻي ايم اين اي مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پ پ پ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي، خالد خان جکراڻي، شفقت خان جکراڻي، مير رافع حسين جکراڻي پڻ موجود هئا. اسپيڪر سردار اياز صادق مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته مير بابل خان جکراڻي هڪ سٺو سياستدان ۽ عوام دوست اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي زندگي عوام جي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي. هن دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا ڪري. آخر ۾ مرحوم لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.











