سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4600 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4 هزار 600 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 99 هزار 962 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4600 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 99 هزار 9 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3943 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 24 هزار 693 رپين مان وڌي 4 لک 28 هزار 636 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4 هزار 600 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 99 هزار 962 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4600 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 99 هزار 9 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3943 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 24 هزار 693 رپين مان وڌي 4 لک 28 هزار 636 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 89 هزار 316 رپين مان وڌي 3 لک 92 هزار 930 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 326 رپين جي واڌ سان 8260 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 279 رپين جي واڌ کانپوءِ 7081 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4730 ڊالرز مان وڌي 4776 ڊالرز ٿي وئي آهي.

مزید خبریں