جلد ئي سکر کان شڪارپور، خيرپور کان روھڙي ۽ راڻيپور جي روٽس تي به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ جديد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اھم فيصلا ڪيا آھن، جنھن ۾ سکر کان شڪارپور، خيرپور کان روھڙي ۽ راڻيپور جي روٽس تي به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. جڏھن ته وڌندڙ آبادي جي ضرورتن …

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ جديد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اھم فيصلا ڪيا آھن، جنھن ۾ سکر کان شڪارپور، خيرپور کان روھڙي ۽ راڻيپور جي روٽس تي به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. جڏھن ته وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ نوان روٽس به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ شھرين کي بھتر سفري سھولتن جي فراھمي، نوان روٽس شروع ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ خصوصي قدمن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ھلندڙ ھفتي سکر کان شڪارپور پيپلز بس سروس جي باضابطا شروعات ڪئي پئي وڃي، جنھن سان ٻنھي شھرن جي وچ ۾ سفر ڪرڻ وارن ھزارين مسافرن کي سھولت ملي سگھندي. منصوبي جي ايندڙ مرحلي ۾ خيرپور کان روھڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور جي روٽس تي به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي وسيع بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏھن ته وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ نوان روٽس به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو تھ سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد جي لاءِ به خصوصي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جتي حيدر چوڪ کان ڪوھسار ۽ حيدرآباد کان ٽنڊو الھيار روٽس تي بھ جلد پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال دوران اي وي، ھائبرڊ ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جي خريداري ۽ مختلف ضلعن ۾ مرحليوار نئين بس سروس شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ويزن تحت سکر ۽ حيدرآباد ۾ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جون تقريبون جلد منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح عورتن کي محفوظ ۽ بھتر سفري سھولتن جي فراھمي آھي ۽ ڪراچي کانپوءِ ٻين شھرن ۾ پنڪ اسڪوٽيز جي فراھمي اُن سلسلي جي اھم ڪَڙي آھي. اجلاس ۾ اي وي ٽيڪسي ۽ پنڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ لاءِ چارجنگ اسٽيشنز ۽ ٻئي ضروري انفرا اسٽرڪچر تي جاري ڪم جو بھ جائزو ورتو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھن مھيني جي آخر تائين اي وي ٽيڪسي بابت سموريون گھرجون مڪمل ڪيون وينديون، جنھن بعد ھي سروس عوام لاءِ دستياب ھوندي. سندس چوڻ ھو تھ ھن قدم سان نھ رڳو شھرين کي جديد سفري سھولتون ملنديون پر روزگار جا نوان موقعا بھ پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صھيب شفيق سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.