لاڙڪاڻو ۾ جوابدار پاران هٿيار ڦٽا، پوليس آڏو پيش

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي حڪم تي نجات مهراڻ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءُ سبب سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿيو آهي. تفصيل مطابق ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جرئتمند قيادت ۽ موثر حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڪشمور پوليس جي جاري نجات مهراڻ آپريشن ۾ ڪشمور پوليس جي اهم ڪاميابي واضح پيغام آهي ته لاڙڪاڻو/سکر رينج پوليس، فيڊرل سول انٽيليجنس ايجنسي ۽ سنڌ پوليس آپريشن دوران …

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي حڪم تي نجات مهراڻ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءُ سبب سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿيو آهي. تفصيل مطابق ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جرئتمند قيادت ۽ موثر حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڪشمور پوليس جي جاري نجات مهراڻ آپريشن ۾ ڪشمور پوليس جي اهم ڪاميابي واضح پيغام آهي ته لاڙڪاڻو/سکر رينج پوليس، فيڊرل سول انٽيليجنس ايجنسي ۽ سنڌ پوليس آپريشن دوران پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهن.جنهن جي نتيجي ۾ 16 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل جوابدار حق نواز عرف نادر سبزوئي ڪشمور پوليس آڏو پيش ٿيو آهي. هٿيار ڦٽا ڪندڙ جوابدار قتل، ڦرن، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو. ڪچي ۾ پوليس جو جاري نجات مهراڻ آپريشن ڪچي جي علائقن مان ڏوهن جي مڪمل خاتمي ۽ امن امان جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندو . ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب وڌيڪ چيو ته پوليس شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت، ڏوهن جي خاتمي ۽ علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.