پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران رابطا مهم شروع، جلد اهم شخصيتُون پارٽي ۾ شموليت ڪنديُون: اڳواڻ

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ايندڙ بلدياتي توڙي جنرل اليڪشن جي حوالي سان سنڌ اندر پارٽي کي مضبوط بڻائڻ توڙي پارٽي ۾ ناليوارن سينئر سياستدانن کي شامل ڪرائڻ لاءِ رابطا مهم لاڙڪاڻي مان شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پير سائين پاڳاري جي فرزند ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ راشد شاهه راشدي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، حسنين مرزا ۽ ٻين …

لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ايندڙ بلدياتي توڙي جنرل اليڪشن جي حوالي سان سنڌ اندر پارٽي کي مضبوط بڻائڻ توڙي پارٽي ۾ ناليوارن سينئر سياستدانن کي شامل ڪرائڻ لاءِ رابطا مهم لاڙڪاڻي مان شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پير سائين پاڳاري جي فرزند ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ راشد شاهه راشدي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، حسنين مرزا ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پير پاڳاري جي هدايتن تي پارٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ اندر رابطا مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن جي شروعات سنڌ جي سياسي ڳڙهه لاڙڪاڻي مان ڪئي وئي آهي، جتي اسان کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي جو غريب عوام جي همدرد اڳوڻي ايم پي اي معظم علي خان فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي، ايندڙ ڪجھ ڏينهن اندر بدين مان پڻ ناليواري شخصيت اسان جي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي ۽ آهستي آهستي سنڌ جي هر ضلعي ۾ موجوده حڪومت کان بيزار عوام دوست سياستدان شموليتن جو سلسلو جاري ڪندا، جن جي ساٿ سان اسين قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي انقلاب آڻي سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي پارٽي طرفان نامزد ڪيل وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو جي حڪومتي دور ۾ ملڪ اندر ڪابه ڪرپشن، منشيات، لاقانونيت نه هئي، جنهن ڳالھ جي تاريخ گواهه آهي ته اڄ به سانگهڙ ۾ خان محمد جوڻيجو جو عام گهر موجود آهي ۽ ان مٿان ڪوبه الزام نه آهي، ڇاڪاڻ جو ان وقت هر ڪم ميرٽ جي بنيادن تي ٿيندو هو، هاڻي موجوده وقت ۾ سنڌ اندر ڪرپشن، منشيات ۽ لاقانونيت جي ڀرمار لڳي پئي آهي، اچو زراعت طرف ته سنڌ اندر ان سان به حشر ڪيو ويو آهي، پهريان ڪڻڪ جو في مڻ 4500 هزار روپيا وٺڻ جو اعلان ڪن ٿا بعد ۾ جڏهن هاري محنت ڪري ڪڻڪ جو فصل تيار ٿا ڪن ته ان جي رقم کين تمام گهٽ ڏني ويندي آهي، جنهن سان هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جنهن لاءِ اسان سڀني عوام دوستن کي گڏجي ملڪ کي بچائڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪرائڻ هڪ تمام بهترين عمل آهي، جنهن سان سڄي دنيا اندر پاڪستان جو مورال بلند ٿيو آهي، اڄ دنيا اسان جي ملڪ کي عزت جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي، ان سڄي ٽياڪڙي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان اسان جو اتحاد ٿيو آهي، باقي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هن کي سندس امڙ غنويٰ ڀٽو ۽ ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان صلاح مشورا ڪرڻ پوندا. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، حسنين مرزا ۽ ٻين پڻ ميڊيا سان ڳالهايو.