ويساکي هڪ اهم مذهبي ۽ ثقافتي سنگ ميل آهي، جيڪو چيٽ جي فصل جي لاباري جي شروعات جي علامت آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خوشين سان ڀرپور ڏڻ ويساکي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ويساکي هڪ اهم مذهبي ۽ ثقافتي سنگ ميل آهي جيڪو چيٽ جي فصل جي لاباري جي شروعات جي علامت آهي، اها موسم آبادگارن جي لاءِ تمام گهڻي خوشي جو سبب آهي ڇو ته اهي …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خوشين سان ڀرپور ڏڻ ويساکي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ويساکي هڪ اهم مذهبي ۽ ثقافتي سنگ ميل آهي جيڪو چيٽ جي فصل جي لاباري جي شروعات جي علامت آهي، اها موسم آبادگارن جي لاءِ تمام گهڻي خوشي جو سبب آهي ڇو ته اهي پنهنجي محنت جو ڦل حاصل ڪن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ويساکي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هي موقعو ٿورا مڃڻ، غور ۽ فڪر ۽ ايمان، اتحاد ۽ انسانيت جي خدمت جهڙي پائيدار قدرن جي تجديد جو پڻ پيغام ڏي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ويساکي کي پاڙيسرين ۽ مقامي برادرين پاران پڻ احترام سان ملهايو وڃي جيڪي گڏيل احترام تي ٻڌل گڏيل سماجي فضا جو عڪاس آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته باباءِ قوم هڪ اهڙي ملڪ جو تصور پيش ڪيو هو جيڪو سمورن شهرين جي لاءِ بنا ڪنهن مذهبي يا نسلي فرق جي، برابري، آزادي ۽ تحفظ جي اصولن تي قائم هجي، اهي اصول پاڪستان جي آئين ۾ باقاعده طور تي شامل آهن جيڪو سمورين برادرين کي برابر حق ۽ تحفظ جو ضامن آهي. هن چيو ته حڪومت هندو ۽ سک ياترين جي سهولت لاءِ قدم جاري رکيا آهن، اهم مذهبي موقعن تي سڄي ملڪ م گرڌوارن جي سارسنڀال ۽ سيڪيورٽي کي پڻ يقيني بنائي ٿي. صدر چيو ته سڄي ملڪ جي سمورين برادرين جي برابر حقن جي تحفظ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به عقيدي، ذات يا مسلڪ سان هجي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادرين جي بنيادي حقن، سلامتي ۽ وقار جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن جي سماجي ۽ معآشي ڀلائي جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي رهندي، انهن جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي هڪ اهم ذميواري آهي. صدر چيو ته آئون پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي جي لاءِ دعاڳو آهيان، آئون اميد ڪريان ٿو ته هي ڏينهن سڀني جي لاءِ خاص طور تي اسان جي هندو ۽ سک برادري جي لاءِ خوشين جو سبب بڻجي.

مزید خبریں