ويساکي جو ڏڻ محنت جو ڦل ملڻ تي عاجزي سان ٿورا مڃڻ جو پيغام ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي روايتي، ثقافتي ۽ سک برادري جي مذهبي ڏڻ ويساکي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري ۽ ان ڏينهن ملهائيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ محنت جو ڦل ملڻ تي عاجزي سان ٿورا مڃڻ جو پيغام ڏي ٿو. ويساکي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته روايتي ۽ ثقافتي …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي روايتي، ثقافتي ۽ سک برادري جي مذهبي ڏڻ ويساکي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري ۽ ان ڏينهن ملهائيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ محنت جو ڦل ملڻ تي عاجزي سان ٿورا مڃڻ جو پيغام ڏي ٿو. ويساکي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته روايتي ۽ ثقافتي سطح تي آبادگار جي سخت محنت کانپوءِ فصل جي لاٻاري جي لاءِ تيار ٿيڻ جي خوشي ۾ سڄي پنجاب ۾ سک برادري ويساکي جي ميلن جو اهتمام ڪري ٿي. هن چيو ته هي ڏڻ انسانيت جي مثبت رخ ۽ محنت جي صبر ڪرڻ وارن مرحلن کانپوءِ ثمر دلي خوشي جو اظهار آهي، هي محنت جو ڦل ملڻ تي عاجزي سان ٿورا مڃڻ جو پيغام ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا مان سک ياتري پاڪستان جي گرڌواره پنجه صاحب (حسن ابدال) جنم اسٿان (ننڪانه صاحب) ۾ ويساکي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ اچن ٿا، ويساکي جي ڏينهن ۾ مذهبي جاين تي سک ياترين جي هر ممڪن سهولت لاءِ قدم کنيا وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته مثبت ۽ گهڻ رخن ثقافتي رنگن سان ئي معاشرتي واڌ ويجهه ۽ زندهه دل معاشري جو بنياد آهن، گڏيل ثمرن کي خوشدلي سان ملهائڻ ئي سماجي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جو سبب آهي. هن چيو ته مختلف مذهبن جي مذهبي ڏڻن کي احترام جي نگاهه سان ڏسڻ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم ۽ پاڪستان جو آئين بنا ڪنهن رنگ ۽ مذهب جي فرق جي سمورن شهرين جي برابر حقن جي تحفظ ۽ مذهبي آزادي جا ضامن آهن، اقيلتي برادرين جي بنيادي انساني، مذهبي ۽ شهري حقن جو تحفظ رياست جي ذميوارين ۾ شامل آهي. هن چيو ته اچو اڄ خوشي جي ڏينهن عالمي امن ۽ استحڪام ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪن، توهان سڀني کي ويساکي جون خوشيون مبارڪ هجن.

مزید خبریں