خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران ويساکي جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک خاندانن کي مبارڪباد

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ويساکي جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک خاندانن کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ويساکي جو ڏڻ هڪ خاص اهميت رکندڙ آهي، هي زمين جي فياضي ۽ انهن رشتن جو جشن آهي جيڪي خاندانن ۽ برادرين کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکن ٿا، هي ان فصل تي …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ويساکي جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ۽ سک خاندانن کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ويساکي جو ڏڻ هڪ خاص اهميت رکندڙ آهي، هي زمين جي فياضي ۽ انهن رشتن جو جشن آهي جيڪي خاندانن ۽ برادرين کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکن ٿا، هي ان فصل تي تي شڪر ادا ڪرڻ جو وقت آهي جيڪا زندگي کي سهارو ڏي ٿي ۽ ان محنت ۽ لڳاءُ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو آهي جيڪو ان کي ممڪن بڻائي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ويساکي جي موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون خاص طور تي اسان جي ڳوٺاڻي علائقن جي عورتن بابت سوچان ٿي، اهي مائرون، ڌيئرون ۽ ڀينرون جيڪي بي شمار ذميواريون پنهنجي ڪلهن تي کنيل آهن، ڊگهي ۽ ڏکئي موسم ۾ اهي ٻنين ۽ گهرن جي وچ ۾ مسلسل مصروف رهن ٿيون ۽ ٻنهي کي بنا ڪنهن وقفي جي سنڀالين ٿيون، انهن جي طاقت ۽ ذميواري غيرمعموي هوندي آهي جنهن جو اڪثر ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن رستا ڊگها هجن، وسيلا محدود هجن ۽ ڏينهن تمام گهڻي محنت طلب هجن، تڏهن به اهي محبت ۽ وقار سان پنهنجي خاندانن کي ڳنڍي رکڻ جو هُنر ڄاڻين ٿيون، اها هڪ اهڙي ذميواري آهي جيڪا سڃاڻپ ۽ ساراهه جي مستحق آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته خاندان هر فصل جو مرڪز هوندا آهن ۽ هر گهر جي مضبوطي ئي اصل ۾ ڪنهن به معاشري جي روح جي عڪاسي هوندي آهي، جڏهن خاندان ڪيترن ئي هفتن جي محنت کانپوءِ ان موسم کي گڏجي ملهائي سگهن ٿا ته اها واقعي هڪ قابل قدر نعمت آهي. هن چيو ته آئون پنهنجي هندو ۽ سک ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پڻ دلي احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿي جيڪي ان ڏينهن عبادت ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿين ٿا، توهان جون روايتون، عقيدت ۽ توهان جو گڏيل جذبو اسان جي ملڪ جي خوبصورت ۽ گهڻ رُخي سڃاڻپ جو هڪ قيمتي حصو آهي. خاتون اول چيو ته منهنجي دعا آهي ته ويساکي توهان جي لاءِ سڪون، خوشي ۽ پنهنجي پيارن سان گڏ وقت گذارڻ جو سبب بڻجي، جڏهن محنت جو موسم خوشين ۾ بدلجي ٿو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته توهان جا گهر مسڪراهٽن، برڪتن ۽ گڏيل گرمجوشي سان ڀرجي وڃن.

مزید خبریں