ناڻي واري وفاقي وزير جي عالمي بئنڪ جي ايم ڊي (آپريشنز) سان ملاقات

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي بهار جي موسم جي اجلاس 2026ع دوران پنهنجي مصروفيتن جي شروعات عالمي بئنڪ گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (آپريشنز) انابيردي سان اهم ملاقات ۾ ڪئي. ناڻي واري وزير ملاقات دوران پاڪستان ۾ سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا لاءِ عالمي بئنڪ گروپ جي لڳاتار حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ …

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي بهار جي موسم جي اجلاس 2026ع دوران پنهنجي مصروفيتن جي شروعات عالمي بئنڪ گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (آپريشنز) انابيردي سان اهم ملاقات ۾ ڪئي. ناڻي واري وزير ملاقات دوران پاڪستان ۾ سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا لاءِ عالمي بئنڪ گروپ جي لڳاتار حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرارن جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پرڏيهي دٻاءُ جي اثرن سان عوام جي ڪمزور طبقن کي بچائڻ لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) تحت اڳڀرائيءَ جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان دوران مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ تي تسليءَ جو اظهار ڪيو ۽ طئي ٿيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي آبادي بابت چئلينجز سان اثرائتي طور تي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي اهميت تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ هن عالمي بئنڪ سان جامع ماسٽر پلان تيار ڪرڻ ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي.

مزید خبریں