اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جو تاريخي لمحو ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ فخر جوڳو آهي، آمريڪا ۽ ايران 47 سالن کانپوءِ اسان جي دعوت تي اعلى سطح تي سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ڪئي: وزيراعظم شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي تاريخي لمحي کي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پرخلوص، مثبت ۽ تاريخي ڪردار تي عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، آمريڪا ۽ ايران 47 سالن کانپوءِ اسان جي دعوت تي اعلى سطح تي سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ڳالهه ٻولهه ۾ …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي تاريخي لمحي کي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پرخلوص، مثبت ۽ تاريخي ڪردار تي عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، آمريڪا ۽ ايران 47 سالن کانپوءِ اسان جي دعوت تي اعلى سطح تي سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيترائي لمحا اهڙا آيا جو ڳالهه ٻولهه ٽٽندي ٽُٽندي ڳنڍجندي رهي، اسان جي پرخلوص ڪوششن جو نتيجو آهي جو اڃا تائين جنگبندي برقرار آهي، حل طلب معاملن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن، ٻنهي ملڪن جي وفدن پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڀرپور واکاڻ ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي اخلاص، ميزباني ۽ ٽياڪڙي جو دل سان اعتراف ڪيو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏاهپ ۽ حڪمت سان جنگبندي تي اتفاق ٿيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي امن جي لاءِ ڪردار کي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ گذريل 47 سالن دوران سدائين اڻسڌي طرح ڳالهه ٻولهه ٿي پر ٻنهي ملڪن جا اعلى سطحي وفد اسان جي دعوت تي پاڪستان آيا، ان جي لاءِ عزيز ڀاءُ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا جو انهن اسان جي دعوت تي پنهنجا وفد پاڪستان موڪليا ۽ ڳالهه ٻولهه کان اڳ ٻن هفتن جي جنگبندي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان سان پاڪستان کي ميزباني، ثالثي ۽ امن قائم ڪرڻ جو اهڙو موقعو مليو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ اهو تاريخي لمحو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ فخر جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه سان پاڪستان کي جنگبندي کي مستقل امن ۾ تبديل ڪرڻ جو موقعو مليو، دنياجي تاريخ ۾ اوسلو، جنيوا، گڊ فرائيڊي معاهدا موجود آهن اهڙي طرح سوڊان ۽ ٻين علائقن ۾ جنگ بند ڪرائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا ۽ ڪيترائي سال لڳا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي وچ ۾ اڻسڌي طرح نه پر سڌوسنئون آمهون سامهون 21 ڪلاڪن تائين ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ آئون ان جو گواهه آهيان، ان جي لاءِ پاڪستان جي قيادت ڏينهن رات محنت ڪئي، پاڪستان جي پرخلوص ڪوششن جي ڪري جنگبندي اڄ به قائم آهي ۽ جيڪي معاملا به اٽڪيل آهن انهن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه تاريخي قدم آهي، پاڪستان کي ثالثي ۽ ميزباني جو موقعو مليو، اهڙين حالتن ۾ جڏهن پوري دنيا جي معيشت لوڏا کائي رهي آهي، اڄ منهنجي جاپان جي وزيراعظم سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن مون کي مبارڪباد ڏني ته پاڪستان امن جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح يورپي اڳواڻن به مون کي فون ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي پاران تعاون جي آڇ ڪئي. وزيراعطم چيو ته جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪرڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ خاص طور تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ٽيم کي پنهنجي پاران، وفاقي ڪابينا پاران ۽ پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، سندس ڏاهپ ۽ حڪمت سان جنگبندي ٿي ۽ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو، آئون اهڙن لمحن جو گواهه آهيان، بطور وزيراعظم منهنجي ذميواري آهي ته قومي رازن جو امين هجان پر جتي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي آهي اتي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پوري پوري رات ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترائي لمحا اهڙا آيا جو ڳالهه ٻولهه ٽُٽندي ٽُٽندي ڳنڍجندي رهي، انسان جو ڪم ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ آهي، ان کي قبوليت الله تعالى عطا ڪري ٿو، سچي نيت سان ئي ڪوششن کي ڪاميابي ملي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايراني وفد جي قيادت ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالبياف ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪري رهيو هو جڏهن ته آمريڪي وفد جي قيادت نائب صدر جي ڊي وينس ڪئي، انهن جدا جدا ڳالهه ٻولهه ڪئي پر ڳالهه هڪ ئي ورجائي پاڪستان جي قيادت جي ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڀرپور واکاڻ ڪئي ۽ پاڪستان جي اخلاص ۽ ثالثي جو دل سان اعتراف ڪيو ته پاڪستان ڀائرن جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو مثبت ۽ تاريخي ڪردار الله تعالى پاڪستاني قوم ۽ قيادت کي عطا ڪيو آهي، جتي اسان جا ڳاٽ فخر سان اونچا آهن اتي اسان کي عاجزي سان الله تعالى جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته وڏي نازڪ لمحي ۾ پاڪستان جي قيادت پنهنجو فرض نڀايو آهي. وزيراعظم چيو ته 47 سالن کان ٻه ملڪ هڪ ٻئي کي ڏسڻ جي لاءِ راضي نه هئا پر امن ۽ هزارين لکين معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ الله تعالى پاڪستان کي اهو موقعو ۽ عزت عطا فرمائي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جهڙي طرح ڪوششون ڪيون آهن انهن جو ڪردار تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن سان ياد رکيو ويندو، قوم پائيدار امن جي لاءِ دعائون ڪري. هن چيو ته پرخلوص، مثبت ۽ تاريخي ڪردار تي عالمي سطح تي ملڪ جو وقار بلند ٿيو آهي، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ملڪ جي لاءِ ئي نه دنيا جي لاءِ پرخلوص ڪوششون ڪيون آهن ته جيئن معصوم جانيون بچي وڃن ڇو ته ان کان وڏي ٻي ڪا خدمت نٿي ٿي سگهي. اجلاس دوران وفاقي ڪابينا ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي امن ڳالهه ٻولهه جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي جن پنهنجي معاونين سان گڏ اڻٿڪ لڳاءُ، محنت ۽ تدبر سان ٻن متحارب ڌرين کي گڏ ويهاري اٽڪل اڌ صديءَ تي ٻڌل تعطل جو خاتمو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا الله تعالى آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪري ٿي ته هن وطن عزيز پاڪستان کي موقعو ڏنو ته هو خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري. اسان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ان تاريخي امن ڳالهه ٻولهه جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي معاونين سان گڏ اڻٿڪ لڳاءُ، محنت ۽ تدبر سان ٻه متحارب ڌرين کي گڏ ويهاريو ۽ اٽڪل اڌ صديءَ تي ٻڌل تعطل جو خاتمو ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا خاص طور تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏينهن رات ڪوششن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي جن راتين جو جاڳي انتهائي بهتر طريقي سان معاملن کي نڀايو. اسان دعاڳو آهيون ته الله تعالى امن جي ان سفر ۾ انهن کي ڪاميابيون عطا فرمائي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي عالمي دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان جو اهو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. اسان جي دعا آهي ته پاڪستاني قيادت جون اهي پرخلوص ڪوششون ڪاميابي سان همڪنار ٿين ۽ دنيا ۾ امن قائم ٿيڻ جو سبب بڻجن.

مزید خبریں