وزيراعظم جي ملڪ ۾ تيل جي کپت جي مستقل نگراني جاري رکڻ جي هدايت، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم جاري رهندا: شهباز شريف

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ تيل جي کپت جي مستقل نگراني جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بهتر حڪمت عملي جي ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود ڪو بحران پيدا نه ٿيو، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم جاري رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت هيٺ خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ تيل جي کپت جي مستقل نگراني جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بهتر حڪمت عملي جي ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود ڪو بحران پيدا نه ٿيو، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم جاري رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت هيٺ خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تيل جي کپت جي مستقل نگراني جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تيل جي کپت ۽ ذخيرن جي مستقل نگراني ۽ بهتر حڪمت عملي جي ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود تيل جي کوٽ جو بحران پيدا نه ٿيو. هن چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اهي جاري رهندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ تيل جي موجوده ذخيرن ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن موجب ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي مناسب مقدار موجود آهي، پر بچت جي لاءِ ڪفايت شعاري کي برقرار رکڻ ضروري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ تيل جي دررآمد جو انتظام ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں