اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي امن ڳالهه ٻولهه جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي جن پنهنجي معاونين سان گڏ اڻٿڪ لڳاءُ، …
وفاقي ڪابينا پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي امن ڳالهه ٻولهه منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي امن ڳالهه ٻولهه جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي جن پنهنجي معاونين سان گڏ اڻٿڪ لڳاءُ، محنت ۽ تدبر سان ٻن متحارب ڌرين کي گڏ ويهاري اٽڪل اڌ صديءَ تي ٻڌل تعطل جو خاتمو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۾ خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي امن جي لاءِ ڪوششن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا الله تعالى آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪري ٿي ته هن وطن عزيز پاڪستان کي موقعو ڏنو ته هو خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ادا ڪري. اسان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ان تاريخي امن ڳالهه ٻولهه جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي معاونين سان گڏ اڻٿڪ لڳاءُ، محنت ۽ تدبر سان ٻن متحارب ڌرين کي گڏ ويهاريو ۽ اٽڪل اڌ صديءَ تي ٻڌل تعطل جو خاتمو ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا خاص طور تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏينهن رات ڪوششن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي جن راتين جو جاڳي انتهائي بهتر طريقي سان معاملن کي نڀايو. اسان دعاڳو آهيون ته الله تعالى امن جي ان سفر ۾ انهن کي ڪاميابيون عطا فرمائي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي عالمي دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان جو اهو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. اسان جي دعا آهي ته پاڪستاني قيادت جون اهي پرخلوص ڪوششون ڪاميابي سان همڪنار ٿين ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو سبب بڻجن.











