اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن، مستقل جنگبندي ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سندس ٽيم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت …
اسلام آباد ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سندس ٽيم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت سندس ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن، مستقل جنگبندي ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ اڻٿڪ ۽ مخلصاڻي ڪوششن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سندس ٽيم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت سندس پوري ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن تاريون وڄائي انهن جي ڪوششن کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته امن قائم ڪرڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساراهه جي لائق آهي ۽ تاريخ کيس سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون مسلسل ڪوششون جاري آهن. هن قوم کي اپيل ڪئي ته اها انهن سفارتي ۽ امن ڪوششن جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪري. اجلاس ۾ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي.











