صدر آصف علي زرداري کي تازي چين جي دوري دوران صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ

ڪراچي - 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين سان معاهدن جا عملي نتيجا سامهون اچڻ گهرجن، جن جي لاءِ واضح ٽائيم لائينز، اداراجاتي هم آهنگي ۽ مسلسل فالو اپ ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري کي تازي چين جي دوري دوران صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. چيف منسٽر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان بريفنگ ۾ سنڌ ۽ …

ڪراچي – 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين سان معاهدن جا عملي نتيجا سامهون اچڻ گهرجن، جن جي لاءِ واضح ٽائيم لائينز، اداراجاتي هم آهنگي ۽ مسلسل فالو اپ ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري کي تازي چين جي دوري دوران صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. چيف منسٽر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان بريفنگ ۾ سنڌ ۽ چيني حصيدارن جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن جو جائزو ورتو ويو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن معاهدن جا عملي نتيجا سامهون اچڻ گهرجن، جن جي لاءِ واضح ٽائيم لائينز، اداراجاتي هم آهنگي ۽ مسلسل فالو اپ ضروري آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته چين سان پاڪستان جو تعاون انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، صنعتي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. هن انتظامي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ممڪن ٿي سگهي. بريفنگ ۾ مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جو احاطو ڪيو ويو جن ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي ردعمل جي نظام، توانائي ۽ ڀاڻ جي پيداوار، لائيو اسٽاڪ جي ترقي، زراعت، ماحولياتي نظم ۽ ضبط ۽ ري سائيڪلنگ ٽيڪنالاجيز شامل آهن. ان کانسواءِ خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، چوپائي مال ۾ بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ پائيدار صنعتي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ بابت قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. هن هدايت ڪئي ته سمورا ادارا لاڳاپيل عملدارن ۽ چيني حصيدارن سان ويجهو رابطو رکن ۽ مخصوص نظام تحت باقاعده نگراني کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي ۽ پيپلزپارٽي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر، ضياءَ الدين يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين، اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، گهرو معاملن ۽ قانون واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، زراعت واري صوبائي وزير محمد خان مهر، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري واري صلاحڪار سهيل انور سيال، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري سميت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سنڌ جي وڏي وزير آن اسٽيوٽا بابت اسپيشل اسسٽنٽ، سنڌ جي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات، توانائي واري سيڪريٽري، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري سيڪريٽري، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري، زراعت واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں