صدر آصف علي زرداري کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ اداراجاتي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

ڪراچي - 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي وزيراعلى هائوس ڪراچي ۾ منعقد هڪ اجلاس دوران ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ اداراجاتي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ بورڊ آف گورنرز جي اڳوڻن اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اداري جي مسلسل ترقي جي لاءِ اهم ترجيحن سان گڏوگڏ تعليمي نظام کي جديد رخن تي …

ڪراچي – 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي وزيراعلى هائوس ڪراچي ۾ منعقد هڪ اجلاس دوران ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ اداراجاتي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ بورڊ آف گورنرز جي اڳوڻن اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اداري جي مسلسل ترقي جي لاءِ اهم ترجيحن سان گڏوگڏ تعليمي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ ان جي دائري کي سگهه ڏيڻ جون تجويزون پيش ڪيون ويون. صدر کي پينشن رهتن جي ادائيگي جي لاءِ مالي معاونت، 1.2 ميگاواٽ سولر پاور پلانٽ لڳائڻ، اي آر پي سسٽم قائم ڪرڻ ۽ تعليمي ۽ رهائشي سهولتن جي اپ گريڊيشن بشمول آءِ سي ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ڪيڊٽس ميس جي انتظامن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. انڊوومنٽ فنڊ جي ذريعي وظيفن، حڪومتي گرانٽ ۾ اضافي ۽ قبضن جي روڪٿام لاءِ بائونڊري وال جي تعمير جهڙن قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اداري جي ڊگهي مدي واري پائيداري جي لاءِ قدمن تي پڻ غور ڪيو ويو جن ۾ ملازمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمن ۽ هيلٿ انشورنس سان گڏوگڏ ڪاليج سان واڳيل هڪ ماڊل هاءِ اسڪول قائم ڪرڻ جي تجويز شامل هئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته 50 سيڪڙو شاگردن جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي جڏهن ته باقي 50 سيڪڙو ملڪ جي ٻين حصن مان اچن ٿا. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته تعليم جي فراهمي کي ڊيجيٽل پليٽ فارمز طرف منتقل ڪيو وڃي ۽ ڪلاس رومز ۾ ڪمپيوٽرز جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي. هن نصاب کي عالمي معيار موجب بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ ڪاليج کي ڪنهن ناليواري عالمي اداري کان الحاق حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن زرعي تعليم کي بطور مضمون متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ عالمي معيار موجب تعليم جي فراهمي جي لاءِ عالمي استادن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي تجويز ڏني. صدر هدايت ڪئي ته ڪاليج ۾ روايتي ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ بدران ايڊوانسڊ ايڇ ايس سي ۽ ايڊوانسڊ ايس ايس سي طرف منتقلي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کي پنهنجي دل جي ويجهو هڪ ادارو قرار ڏيندي ملڪ جي لاءِ ان جي خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته هن اداري عوامي خدمتن، هٿياربند فوج ۽ سول انتظاميا سميت مختلف شعبن ۾ قائدين پيدا ڪيا آهن ۽ اهي نوجوان شاگردن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اهو به ٻڌايو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو سندس مادر علمي ادارو آهي ۽ ان سان سندس ذاتي وابستگي رهي آهي. صدر چيو ته اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان اهڙا هوشيار ماڻهو تيار ڪري سگهبا جيڪي نظم ۽ ضبط، ديانتداري ۽ ذميواري جهڙن قدرن سان ليس هجن. هن معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ معياري تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي ميرٽ ۽ ڪردارسازي تي مسلسل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي تجويز ڪيل منصوبن جي وقت سر منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪن. هن چيو ته مستقل سيڙپڪاري ۽ گڏيل عزم جي ذريعي ئي هن اداري کي هڪ اعلى معيار جي مرڪز جي طور تي برقرار رکي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلزپارٽي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر، ضياءَ الدين يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين، توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ اسد سڪندر، صوبائي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، چيف سيڪريٽري سنڌ، پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڪموڊور فيصل اقبال قاضي، ناڻي واري سيڪريٽري، ڪاليجز ايجوڪيشن واري سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سميت ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں