نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن تازو ئي پڄاڻي تي پهتل اسلام آباد ڳالهه ٻولهه ۽ آمريڪا – ايران جي سڌي سنئين ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير وانگ يي خطي ۾ امن ۽ …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن تازو ئي پڄاڻي تي پهتل اسلام آباد ڳالهه ٻولهه ۽ آمريڪا – ايران جي سڌي سنئين ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير وانگ يي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار جي لاءِ عوامي جمهوريه چين جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ترجيحي ذريعن جي طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي زور ڏيندي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – چين جي پنج نقاطي امن قدم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد مسئلن جي پرامن حل کي ممڪن بڻائڻ آهي. ٻنهي ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں