اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تازو ئي اسلام آباد ڳالهه ٻولهه دوران ٿيندڙ سڌوسنئون آمريڪا – ايران ڳالهه ٻولهه ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب برطانوي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانيا جي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تازو ئي اسلام آباد ڳالهه ٻولهه دوران ٿيندڙ سڌوسنئون آمريڪا – ايران ڳالهه ٻولهه ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب برطانوي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون ڌريون جنگبندي جو مڪمل احترام ڪن ۽ ان تي عملدرآمد يقيني بڻائين. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان علائقائي مسئلن جي حل ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي واحد موثر ذريعو سمجهي ٿو ۽ انهي رستي تي ڪاربند رهندو.











