اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد اڱاري ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي سيڪرٽريٽ مطابق نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نيب جي سالياني رپورٽ 2025ع پيش ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪرسردار اياز صادق، نيب جي 6.213 کرب رپين جي تاريخي ريڪوري تي خرجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان نيب چيئرمين جي ملاقات، سالياني رپورٽ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد اڱاري ڏينهن پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي سيڪرٽريٽ مطابق نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي نيب جي سالياني رپورٽ 2025ع پيش ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪرسردار اياز صادق، نيب جي 6.213 کرب رپين جي تاريخي ريڪوري تي خرجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ادارا جاتي سڌارن کانپوءِ نيب جي عوام ۽ ڪاروبار دوست تنظيم ۾ تبديلي تعريف جوڳي آهي. گذريل ٽن سالن ۾ نيب جي مجموعي ريڪوري 11.524 کرب رپيا (لڳ ڀڳ 41 ارب آمريڪي ڊالر) تعريف جوڳي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، نيب جي 72 سيڪڙو پراسيڪيوشن ڪاميابي جي شرح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نيب طرفان لڳ ڀڳ 29.8 لک ايڪڙ سرڪاري ۽ ٻيلي واري ايراضي ڇڏرائڻ هڪ تاريخي امر آهي. نيب طرفان سيڙيڪاري اسڪيمن کان متاثر 115،587 ڄڻن کي 180 ارب رپين جي ادائيگي ذريعي رليف فراهم ڪرڻ به وڏو ڪارنامو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ نيب جي ڪارروائين کي به ساراهيو. ملاقات ۾ نيب چيئرمين نيب ۾ ڪيل سڌارن تي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته نيب سڌارن ۾ پارليامنٽ ميمبرن، سول بيورو ڪريسي، ڪاروباري برادري ۽ اوورسيز پاڪستانين لاءِ خصوصي سهولت مرڪز جو قيام شامل آهي، نيب، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل تحقيقات جي شروعات ڪئي آهي، 2025ع ۾ نيب اي آفيس(NEO) سسٽم جي نفاذ ذريعي پيپر ليس نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. نيب چيئرمين، انسداد بدعنواني خلاف جنگ ۾ پارليامنٽ ۽ ان جي ميمبرن جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو.











