مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي پرڏيهي وزارت ۾ شاندار آجيان

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي پرڏيهي وزارت ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي خطي جي صورتحال تي چار ڌري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. اجلاس …

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي پرڏيهي وزارت ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي خطي جي صورتحال تي چار ڌري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪندو. اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ ترڪيه جا پرڏيهي وزير به شرڪت ڪندا. پرڏيهي آفيس ۾ مصر جو پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

مزید خبریں