پاڪستان ۽ مصر جو وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، صبر ۽ تحمل اختيار ڪرڻ ۽ تڪرارن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، صبر ۽ تحمل اختيار ڪرڻ ۽ تڪرارن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي هتي ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ …

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ مصر وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، صبر ۽ تحمل اختيار ڪرڻ ۽ تڪرارن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عرب جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي هتي ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مصر جي پرڏيهي وزير جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجي ڊگهي مدي واري ۽ برادراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل تاريخ، گڏيل مذهب ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙن خيالن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ڌرين ٻه طرفه لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ تازي اعليٰ سطحي مٽا سٽا سميت نومبر 2025ع ۾ مصري پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري ذريعي پيدا ٿيل هاڪاري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن سمورن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفه واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هنن گڏيل وزارتي ڪميشن سميت گڏيل طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو، هنن ڪاروباري سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هيپاٽائٽس سي جي روڪٿام جهڙن قدمن سميت صحت جي شعبي ۾ مصر جي مسلسل سهڪار کي ساراهيو ۽ سن شعبي ۾ جاري سهڪار جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين دفاع ۽ سيڪيورٽي سهڪار جي هاڪاري رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ تربيتي مٽا سٽا ۽ بين اداراجاتي ميڪانزم ذريعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي حالتن، خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ، صبر ۽ تحمل اختيار ڪرن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي جاري جارحيت جي سخت مذمت ڪئي. هن پاڪستان جي ريليف ڪوششن لاءِ سهڪار سميت غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي ۾ مصر جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهو رابطو جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ويجهي ۽ برادراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. مصر جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو 19 مارچ تي رياض ۾ ٿيل ڳالهين ۽ تازي اعليٰ سطحي رابطن جي سلسلي جو حصو آهي ۽ ان سان خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن تي پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي عڪاسي ٿئي ٿي.

مزید خبریں