وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ جسٽس (ر) يار محمد جي ملاقات

گلگت – 29 مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ خطي جي ترقي جي حوالي سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ جسٽس (ر) يار محمد وچ ۾ ملاقات ٿي، ان دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت سيڪريٽري ظفر حسن به موجود هو. گذريل ڏينهن وزارت پاران جاري بيان مطابق ملاقات دوران خطي جي مجموعي امن …

گلگت – 29 مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ خطي جي ترقي جي حوالي سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ جسٽس (ر) يار محمد وچ ۾ ملاقات ٿي، ان دوران ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت سيڪريٽري ظفر حسن به موجود هو. گذريل ڏينهن وزارت پاران جاري بيان مطابق ملاقات دوران خطي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، تازن پيش آيل اڻ وٺندڙ واقعن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته گلگت بلتستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ هر صورت يقيني بڻايو ويندو ۽ امن جي دشمن عنصرن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ان موقعي تي انجنيئر امير مقام وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ جي سمورن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي پهرين ترجيع ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت خطي ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري، سياحت کي هٿي ڏيڻ، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي لاءِ خاص قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مقامي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ جسٽس (ر) يار محمد وفاقي حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل ڪوششن سان نه رڳو امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي پر ترقياتي منصوبن جي رفتار به تيز ٿيندي جنهن سان خطي جي عوام کي سڌي ريت فائدو پهچندو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته نوجوانن لءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي هڪ پرامن، خوشحال ۽ اسريل خطو بڻائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

مزید خبریں