اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي آمريڪا، برادر نار ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن تي اعتماد ۾ وٺندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪو اثرائتو رستو نڪرندو جڏهن ته ايران جي صدر ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڀريندي پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي …
وزيراعظم شهباز شريف جو ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي فون، آمريڪا، نار ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن تي اعتماد ۾ ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي آمريڪا، برادر نار ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن تي اعتماد ۾ وٺندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪو اثرائتو رستو نڪرندو جڏهن ته ايران جي صدر ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڀريندي پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ايران تي اسرائيل جي مسلسل حملن، خاص طور تي گذريل ڏينهن شهري ٺڪاڻن تي ٿيل تازن حملن جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن ان ڏکئي وقت ۾ ايراني عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم 1900 کان وڌيڪ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحومن لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ايران جي صدر کي پنهنجي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران آمريڪا، برادر نار ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن کان آگاهه ڪيو جن جو مقصد امن ڳالهين لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪرڻ آهي. هن پاڪستان جي امن قدمن جي ڀرپور حمايت جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ته گڏيل ڪوششن سان ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪو اثرائتو رستو نڪرندو. ايران جي صدر وزيراعظم جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي ايران خلاف اسرائيلي قدمن جي حوالي سان پنهنجو موقف بيان ڪيو. هن ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ايران جي صدر جو ٿورو مڃيندي خاطري ڪرائي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.











