ايران جي ايوين جيل تي اسرائيلي فضائي حملا جنگي ڏوهه هئا: گڏيل قومون

گڏيل قومون - 17 مارچ (اي پي پي )گڏيل قومون چيو آهي ته گذريل سال (2025 ) ۾ ايران جي ايوين جيل تي ڪيل اسرائيلي فضائي حملا جنگي ڏوهه هئا، ان واقعي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي جاچ ٽيم جي سربراهه ساره حسين پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي . هن چيو ته جون 2025 ع ۾ ايران سان …

گڏيل قومون – 17 مارچ (اي پي پي )گڏيل قومون چيو آهي ته گذريل سال (2025 ) ۾ ايران جي ايوين جيل تي ڪيل اسرائيلي فضائي حملا جنگي ڏوهه هئا، ان واقعي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي جاچ ٽيم جي سربراهه ساره حسين پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي . هن چيو ته جون 2025 ع ۾ ايران سان فضائي چڪرين دوران اسرائيل تهران جي ايوين جيل تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ،اهو جيل سياسي قيدين کي رکڻ جي حوالي سان مشهور آهي . تازو آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائي حملن ۾ به ان جيل کي نقصان پهتو آهي جنهن سان اتي موجود قيدين جي سلامتي جي حوالي سان خدشا وڌي ويا آهن جن ۾ هڪ برطانوي جوڙو به شامل آهي . ايران بابت آزاد عالمي فيڪٽ فائنڊنگ مشن جي سربراهه گڏيل قومن  جي انساني حقن جي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان کي معقول بنياد مليا آهن ته ايوين جيل تي فضائي حملا ڪندي اسرائيل هڪ شهري هنڌ کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو جيڪو جنگي ڏوهه آهي . هن مطابق ان حملي ۾ هڪ ٻار ۽ 8 عورتن سميت اٽڪل 80 ماڻهو مارجي ويا هئا . اسرائيل ان ڪائونسل کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي آهي جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي جا دستاويز تيار ڪري ۽ جاچ ڪري ٿي ، ان اجلاس ۾ اسرائيل جي سيٽ خالي آهي . اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس ، پرڏيهي وزارت يا فوج طرفان فوري طورتي ڪو رد عمل سامهون ناهي آيو.