آمريڪي ڪمپني ٽيسلا ۽ ڪورين ايل جي انرجي وچ ۾ 4.3 ارب ڊالرن جو بيٽري معاهدو

واشنگٽن _17 مارچ (اي پي پي) آمريڪا تصديق ڪئي  آهي ته اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايل جي انرجي وچ ۾ 4.3 ارب ڊالرن جي ماليت جي بيٽرين جي منصوبي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معاهدي تحت آمريڪي رياست مشي گن جي شهر لينسنگ ۾ لٿيم آئرن فاسفيٽ (ايل ايف پي)پرزمٽڪ بيٽري سيلز ٺاهڻ لاءِ هڪ وڏو مينيو فيڪچرنگ پلانٽ قائم …

واشنگٽن _17 مارچ (اي پي پي) آمريڪا تصديق ڪئي  آهي ته اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايل جي انرجي وچ ۾ 4.3 ارب ڊالرن جي ماليت جي بيٽرين جي منصوبي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معاهدي تحت آمريڪي رياست مشي گن جي شهر لينسنگ ۾ لٿيم آئرن فاسفيٽ (ايل ايف پي)پرزمٽڪ بيٽري سيلز ٺاهڻ لاءِ هڪ وڏو مينيو فيڪچرنگ پلانٽ قائم ڪيو ويندو جنهن جي پيداوار 2027ع ۾ شروع ٿيڻ جي اميد آهي. آمريڪي گهرو کاتي جي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ بيٽري سيلز ٽيسلا جي ميگا پيڪ 3 توانائي ذخيرو ڪندڙ نظام کي طاقت فراهم ڪندي جيڪا هيوسٽن ۾ تيار ڪئي پئي وڃي . ان سان ملڪ ۾ بيٽري سپلائي چين وڌيڪ مضبوط ٿيندي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو ان معاهدي جو حصو آهي جن جو ذڪر صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه انڊوپيسفڪ انرجي سيڪيورٽي سمٽ جي موقعي تي ڪيو هو . رپورٽس مطابق ٽيسلا چيني امپورٽ تي لاڳو  ٽيرف سبب  بيٽرين لاءِ چين تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته  ايل جي انرجي آمريڪا ۾ ليٿم آئرن فاسفيٽ بيٽريون ٺاهيندڙ ڪجهه ڪمپنيون شامل آهن.