بغداد -17 مارچ (اي پي پي) عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي آمريڪي شهرين کي فوري طور تي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سفارتخاني جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سيڪيورٽي خدشن سبب آمريڪي شهري فورن عراق ڇڏي وڃن ۽ بغداد ۾ واقع سفارتخاني يا اربيل ۾ موجود قونصل خاني وڃڻ کان پاسو ڪن. سفارتخاني …
سيڪيورٽي خدشن سبب آمريڪي سفارتخاني پاران آمريڪي شهرين کي فوري طور عراق ڇڏڻ جي هدايت

مزید خبریں
بغداد -17 مارچ (اي پي پي) عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي آمريڪي شهرين کي فوري طور تي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سفارتخاني جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سيڪيورٽي خدشن سبب آمريڪي شهري فورن عراق ڇڏي وڃن ۽ بغداد ۾ واقع سفارتخاني يا اربيل ۾ موجود قونصل خاني وڃڻ کان پاسو ڪن. سفارتخاني آمريڪي شهرين کي عراق جو سفر ڪرڻ کان به منع ڪيو آهي. واضح رهي ته عراقي گادي واري هنڌ بغداد جي هاءِ سيڪيورٽي علائقي گرين زون ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ ٻين عمارتن تي راڪيٽ، ميزائيل ۽ ڊرون حملن ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع به آهن.











