چين پاران اسلاموفوبيا خلاف زيرو ٽالرنس اختيار ڪرڻ جي اپيل

بيجنگ -17 مارچ (اي پي پي) چين سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا خلاف زيرو ٽالرنس اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي سون لي جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن ملڪن کي اسلامو فوبيا خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪرڻ …

بيجنگ -17 مارچ (اي پي پي) چين سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا خلاف زيرو ٽالرنس اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي سون لي جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن ملڪن کي اسلامو فوبيا خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته انتهاپسند نطرين ۽ تهذيبي ٽڪراءَ جي رجحانن جي سختي سان مخالفت ڪرڻ گهرجي،  جڏهن ته مذهب يا عقيدي جي بنياد تي نفرت ۽ عدم برداشت کي هوا ڏيڻ وارن قدمن تي پابندي لڳائڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ امن کي هٿي ڏيڻ، هم آهنگي ۽ هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. سون لي واضح ڪيو ته چين دهشتگردي کي ڪنهن مخصوص ملڪ، قوم يا مذهب سان جوڙڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. سندس موجب چين ۽ اسلامي ملڪن وچ ۾ هميشه گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپا قائم رهيا آهن جن ذريعي مختلف تهذيبن وچ ۾ پرامن گڏيل بقا  ۽ گڏيل فائدن تي ٻڌل تعاون جو هڪ اثرائتو مثال قائم ٿيو آهي.