گڏيل قومون -17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڀارت تي تنقيد ڪندي چيو آهي، ته هو دنيا جو سڀ کان وڏو اسلاموفوبڪ ملڪ آهي ۽ مسلمانن سميت پنهنجي اقيلتن خلاف نفرت انگيز قدمن جي حمايت ڪري ٿو. اهو اجلاس اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿيو. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي ۾ خطاب …
ڀارت سڀ کان وڏو اسلاموفوبڪ ملڪ آهي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون -17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڀارت تي تنقيد ڪندي چيو آهي، ته هو دنيا جو سڀ کان وڏو اسلاموفوبڪ ملڪ آهي ۽ مسلمانن سميت پنهنجي اقيلتن خلاف نفرت انگيز قدمن جي حمايت ڪري ٿو. اهو اجلاس اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿيو. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڀارت مسلمانن سان گڏوگڏ بين مذهبي اقليتن خلاف تشدد، مسجدن جي تباهي ۽ عوامي قتل جهڙن قدمن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو ان ”گندي عمل“ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. هن چيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا رڳو ڪجهه حاشيي تي موجود ماڻهن جو نه پر رياست ۽ حڪومت جي سرپرستي ۾ جاري آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبڪ واقعا سڀ کان وڌيڪ ڀارت ۾ ڏٺا ويا آهن. مثال طور سرينگر ۾ مسلمانن کي مسلسل ستين سال جمعي جي نماز دوران شرڪت کان روڪيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خطاب ۾ سمورن ملڪن ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت کي ختم ڪرڻ، انساني حقن جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اقليتن مان مسلمانن جي روزمره جي زندگي اڪثر تعصب، سماجي ۽ معاشي نفرت، غير ضروري نگراني ۽ پروفائيلنگ سبب متاثر ٿيندي آهي. هن زور ڀريو ته اسلاموفوبيا خلاف جدوجهد صرف مسلمانن جي دفاع تائين محدود نه پر اها نسلي تعصب، تعصب، اجنبي دشمني، عدم برداشت ۽ نفرت خلاف انسانيت جي گڏيل جدوجهد آهي. هن ملڪن تي زور ڀريو ته اهي قانوني فريم ورڪ مضبوط ڪن، نفرت انگيز ڍانچن کي ختم ڪن، شعور اجاگر ڪن ۽ مذهب جي آزادي کي يونيورسل حق طور يقيني بڻائين.











