وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار انساني بحران ۾ تبديل، شهري آبادي ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد خطرا درپيش آهن:گڏيل قومون

گڏيل قومون- 17 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب وڌندڙ انساني بحران کان خبردار ڪندي چيو آهي ته خطي  ۾ شهري آبادي ۽ بنيادي ڍانچي کي  شديد خطرا درپيش  آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته ايران ۽ لبنان ۾ صحت جي شعبي جو بنيادي ڍانچو سخت متاثر ٿيو آهي. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي  موجب …

گڏيل قومون- 17 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب وڌندڙ انساني بحران کان خبردار ڪندي چيو آهي ته خطي  ۾ شهري آبادي ۽ بنيادي ڍانچي کي  شديد خطرا درپيش  آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته ايران ۽ لبنان ۾ صحت جي شعبي جو بنيادي ڍانچو سخت متاثر ٿيو آهي. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي  موجب ايران ۾ 230 کان وڌيڪ طبي مرڪز  ۽ 30 کان وڌيڪ ايمبولينسون تباهه ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪيترائي طبي ڪارڪن مارجي ۽ زخمي ٿيا آهن. اداري موجب ، ايران ۾ 54,000 کان وڌيڪ شهري عمارتون، جن ۾ رهائشي گهر، واپاري مرڪز ۽ اسڪول شامل آهن کي نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف، صحت جي عالمي تنظيم مطابق، گذريل ٻن هفتن ۾ لبنان ۾ صحت جي مرڪزن  تي 28 حملا  رپورٽ ٿيا آهن، جنهن ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا ۽ 35 زخمي ٿيا آهن. گڏيل قومن جي ايجنسين متاثرن جي مدد لاءِ وڏي پيماني تي ڪارروائيون شروع ڪيون آهن. ورلڊ فوڊ پروگرام يو اين ايڇ سي آر ۽ يونيسيف سميت ٻين ادارن هيستائين 800,000 کان وڌيڪ کاڌو، ڪمبل، بسترا ۽ ٻيون امدادي شيون ورهايون آهن، جڏهن ته 700,000 ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڏکڻ لبنان ۾ وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ  جو سلسلو جاري آهي، ۽ هيستائين 830,000 کان وڌيڪ ماڻهو بي گھر ٿيا آهن، اٽڪل  290,000 ٻار شامل آهن. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ انساني صورتحال انتهائي پريشان ڪن آهي هزارين ماڻهو بغير ڪنهن پناهه جي کليل هنڌ رهڻ تي مجبور آهن جڏهن ته کاڌي ۽ گيس  جي سخت کوٽ برقرار آهي.